ريڊيو سونڊي

ريڊيو سونڊي

ريڊيو سونڊي

ريڊيو سونڊي (Radio Sonde): هي موسم جي خبرچار ۽ آگاهي رکڻ لاءِ موسميات کاتو (Meteorological Department) هوندو آهي، جنهن وٽ جديد قسم جا اوزار هوندا آهن، جن وسيلي موسم بابت ڄاڻ ۽ موسم جي اڳڪٿي ڪئي ويندي آهي. موسمياتي ادارن ۾ آبهوا جيباري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جديد خودڪار آلو هوندو آهي، جنهن وسيلي هوا جو گرمي پد، هوا جو دٻاءُ ۽ گهم رڪارڊ ڪئي ويندي آهي. هن آلي (اوزار) ۾ هڪ ريڊيو ٽرانسميٽر لڳل هوندو آهي. موسميات کاتي وارا، ريڊيو سونڊي کي هڪ هائڊروجن ڀريل وڏي ڦوڪڻي ذريعي فضا ۾ موڪليندا آهن. هي آلو (Radio Sonde) فضا ۾ وڃي موسم ۽ هوا بابت ڄاڻ جهٽيندو آهي، جيڪا ريڊيو ٽرانسميٽر ذريعي هيٺ زمين تي موسميات کاتي جي اسٽيشن کي موڪليندو آهي. ريڊيو سونڊي 60 هزار فوٽن جي بلنديءَ تائين موڪليو ويندو آهي، جتان اهو هر قسم جي معلومات وصول ڪندو آهي. اسٽيشن جي ڪنٽرول روم مان هن آلي ذريعي موسم جي هرڪا معلومات حاصل ڪئي ويندي آهي.


لفظ ريڊيو سونڊيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو